تازه ترين

ڪراچي ۾ غير قانوني طور ترسيل افغان شهرين خلاف پوليس جون ڪارروايون، 121 افغاني گرفتار

ڪراچي ۾ غير قانوني طور ترسيل افغان شهرين خلاف پوليس ڪارروايون ڪندي مختلف علائقن مان 121 افغانين کي گرفتار ڪري ورتو.

غيرقانوني طريقي سان بارڊر ڪراس ڪندڙ افغانين خلاف سنڌ جي راڄڌاني ۾ پوليس جو ڪريڪ ڊائون جاري آهي جنهن دوران 121 افغان شهرين کي گرفتار ڪيو ويو.

پوليس موجب، ڪورنگي جي مختلف علائقن مان 45 افغانين کي گرفتار ڪيو ويو جڏهن ته اوڀر پوليس 18 افغان شهرين کي گرفتار ڪري سندن خلاف ڪيس داخل ڪري ورتا.

اولهه پوليس مختلف علائقن مان 34 افغان شهرين کي فارن ايڪٽ تحت گرفتار ڪري ورتو، سٽي پوليس به 9 افغانين کي گرفتار ڪيو.

ملير ضلعي ۾ پوليس ڇاپن دوران غيرقانوني طور ترسيل 14 افغان شهرين کي گرفتار ڪري ورتو، شڪي ماڻهن جو ڪرمنل رڪارڊ به حاصل ڪيو ويو .

لاڳاپيل خبرون

1,523,009FansLike
46,929FollowersFollow
0FollowersFollow
12,158FollowersFollow
100,000SubscribersSubscribe
Pakistan
few clouds
23 ° C
23 °
23 °
44 %
4.6kmh
13 %
سُومر
23 °
اڱارو
26 °
اربع
27 °
خميس
29 °
جمعو
28 °

تازه ترين خبرون