تازه ترين

ڪراچي: ايسٽ پوليس جون پرڏيهين خلاف ڪارروائيون، غيرقانوني طور ترسيل 9 پرڏيهي گرفتار

ڪراچيءَ جي ٽن مختلف علائقن ۾ پوليس ڪاررواين دوران غيرقانوني طور ترسيل 9 پرڏيهين کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

اوڀر ضلعي پوليس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته اوڀر پوليس نيو ٽائون واري علائقي ۾ ڪارروائي ڪري غيرقانوني طور ترسيل ٻن افغان شهرين اسماعيل پٽ قاسم ۽ زوادين پٽ وبدالسلام کي گرفتار ڪري ورتو.

اوڀر ضلعي پوليس جي ترجمان موجب، سچل واري علائقي ۾ پوليس ڪارروائي دوران غيرقانوني طور ترسيل ٻن افغان شهرين سجاد محمد ۽ وحيد کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

اوڀر ضلعي پوليس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته پوليس فيروز آباد واري علائقي ۾ ڪارروائي دوران غيرقانوني رهندڙ 5 افغان شهرين کي گرفتار ڪيو.

اوڀر ضلعي پوليس جي ترجمان موجب، گرفتار ٿيلن ۾ زيدي گل، اسد الله، سيد وليد، الله مير ۽ منير شامل آهن.

اوڀر ضلعي پوليس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته جوابدارن خلاف فارن ايڪٽ تحت ضابطي جي ڪارروائي عمل ۾ آندي وئي…….

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
102,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
8 ° C
8 °
8 °
50 %
2.2kmh
2 %
سُومر
15 °
اڱارو
16 °
اربع
16 °
خميس
16 °
جمعو
16 °

تازه ترين خبرون