ڪراچي بار ايسوسي ايشن جي سالياني چونڊن جي سلسلي ۾ سٽي ڪورٽ ۾ پولنگ جاري

- Advertisement -
ڪراچي بار ايسوسي ايشن جي سالياني چونڊن جي سلسلي ۾ سٽي ڪورٽ ۾ پولنگ جاري آهي. ڪراچي بار ايسوسي ايشن جا 9 هزار 999 ميمبر وڪيل پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪندي صدر، نائب صدر، جنرل سيڪريٽري، جوائنٽ سيڪريٽري، خزانچي ۽ لائبريرين جي عهدن تي چونڊ وڙهندا. صدارتي سيٽ لاءِ امير نواز وڙائچ، منير ملڪ، عبدالحميد يوسفي ۽ سيد زوهيب خالد وچ ۾ سخت مقابلي جو امڪان آهي، جڏهن ته نائب صدر لاءِ ارشد خان، فيصل اڪرام، ڪاظم حسين مهيسر، راحت فضل ۽ تاج علي شيخ اميدوار آهن. جنرل سيڪريٽري جي عهدي لاءِ سيد اسرار شاهه، رحمان ڪورائي ۽ تابش محمود ميدان ۾ آهن، جڏهن ته جوائنٽ سيڪريٽري جي عهدن تي اسد علي ميمڻ، عمران عزيز، فدا حسين، عبدالوحيد ڪوريجو، محبوب علي چانڊيو ۽ محمد باقر مهدي ميدان ۾ آهن. خزانچي جي عهدي تي فرحان حبيب خان، حسيب الله پنهور ۽ ڪاشف نذير بلوچ وچ ۾ مقابلو ٿيندو، جڏهن ته لائبريرين جي اميدوارن ۾ عامر علي ڀٽو، فهيم علي منگي، عمران يونس اعواڻ ۽ رياض احمد سبزوئي شامل آهن. ميمبر مئنيجنگ ڪميٽي جي 11 سيٽن لاءِ 49 اميدوار ميدان ۾ آهن، جڏهن ته پولنگ جو عمل شام 5 وڳي تائين جاري رهندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
29.1 ° C
29.1 °
29.1 °
39%
3.7m/s
78%
آچر
27 °
سُومر
31 °
اڱارو
32 °
اربع
28 °
خميس
31 °

تازه ترين خبرون