- Advertisement -
ڪراچي جي علائقي جمع ڳوٺ ۾ پوليس مبينا مقابلي دوران ٻن ڏوهارين کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.
ڪورنگي پوليس جي ترجمان موجب، الفلاح پوليس جمع ڳوٺ ۾ ڪارروائي ڪئي ته ڏوهارين سان مقابلو ٿي پيو.
ڪورنگي پوليس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته پوليس ڪارروائي دوران ٻن ڏوهارين کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري سندن قبضي مان 2 پسٽل ۽ ڦر ٿيل موبائل فون هٿ ڪري ورتا.
ڪورنگي پوليس جي ترجمان موجب، گرفتار ڏوهارين جي ريحان ۽ وقاص طور سڃاڻپ ٿي آهي.
ڪورنگي پوليس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته زخمي حالت ۾ گرفتار جوابدارن کي علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.- Advertisement -
