ڪراچي جي شرافي ڳوٺ واري علائقي ۾ پراسرار ڌماڪو ٿيو جنهن سبب علائقي ۾ خوف پکڙجي ويو

spot_img
ڪراچي جي شرافي ڳوٺ واري علائقي ۾ پراسرار ڌماڪو ٿيو جنهن سبب علائقي ۾ خوف پکڙجي ويو. پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته شرافي ڳوٺ جي علائقي معين آباد گھٽي نمبر 2 ڀرسان ڌماڪو ٿيو، اطلاع ملڻ تي پوليس، رينجرز، سي ٽي ڊي ۽ بم ڊسپوزل اسڪواڊ جو عملو موقعي تي پهچي ويو. پوليس عملدارن جو چوڻ آهي ته ڌماڪي ۾ ڪنهن جي به زخمي ٿيڻ يا جاني نقصان جا اطلاع ناهن مليا، پر هڪ عمارت تي ڀـِت تي بال بيئرنگ جا نشان مليا آهن. پوليس موجب، فوري طور تي ڌماڪي جي نوعيت جو اندازو نه ٿي سگھيو پر ڪجهه اکين ڏٺا شاهد ڌماڪيدار مادي جو ٻڌائي رهيا آهن جڏهن ڪجهه ان کي سلينڊر ڌماڪو ظاهر ڪن پيا. پوليس موجب، بم ڊسپوزل اسڪواڊ عملدار سرچنگ کانپپوءِ پنهنجي رپورٽ ڏيندو جنهن کانپوءِ نوعيت جو پتو پئجي سگھندو، پوليس ۽ ٻيا ادارا واقعي بابت وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهن.

لاڳاپيل خبرون

spot_img
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
18.5 ° C
18.5 °
18.5 °
15%
1.8m/s
0%
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
19 °
ڇنڇر
18 °
آچر
17 °

تازه ترين خبرون