- Advertisement -
ڪراچي جي علائقي اورنگي ٽائون ۾ هٿياربندن ڦر دوران مزاحمت تي هڪ شهري کي قتل ۽ هڪ کي زخمي ڪري ڇڏيو، شهرين جي تشدد سبب هڪ ڦورو به مارجي ويو.
ايس ايس پي اولهه موجب اورنگي ٽائون نمبر 10 ۾ ڦر دوران مزاحمت تي هڪ شهري کي قتل ۽ ٻيو زخمي ڪيو ويو.
ايس ايس پي موجب، فرار ٿيڻ دوران شهرين هڪ ڦورو کي پڪڙي تشدد جو نشانو بڻايو، جنهن سبب هو مارجي ويو، جڏهن ته سندس هڪ ساٿي موقعي تان فرار ٿي ويو.
پوليس موجب زخمي شهري جي سڃاڻپ معاويه پٽ آصف ۽ مارجي ويل گلزار پٽ ممتاز علي طور ٿي آهي، جڏهن ته مارجي ويل جوابدار جي سڃاڻپ ڪئي پئي وڃي……..- Advertisement -
