تازه ترين

ڪراچي: ضياءَ لنجار پاران مختلف ٿاڻن جا دورا

- Advertisement -
ڪراچي ۾ صوبائي گھرو وزير ضياءَ الحسن لنجار شهر جي مختلف ٿاڻن جو دورو ڪيو، عوام سان مليو ۽ انهن جون شڪايتون ٻڌي پوليس کي هدايتون جاري ڪيون، سندس چوڻ آهي ته هو اهڙي طرح ٿاڻن جا دورا ڪندو رهندو. صوبائي گھرو وزير ضياءُ الحسن لنجار رات دير سان عزيز ڀٽي ٿاڻي پهتو، هن ٿاڻي جو روزنامچو چيڪ ڪيو ۽ اتي موجود ڊيوٽي آفيسر کان بريفنگ ورتي. ضياءُ الحسن لنجار ٿاڻي ۾ پرائيوٽ ڪپڙا پهريل اهلڪارن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، صوبائي گھرو وزير ٿاڻي ۾ موجود ماڻهن سان به ملاقات ڪئي ۽ پوليس طرفان کين جلد انصاف جي خاطري ڪرائي. ضياءَ الحسن لنجار جوچوڻ هو ته سڀئي اهلڪار وردي ۾ هجڻ گھرجن، ڊسپلن جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي، هو اوچتو ٿاڻن جا دورا ڪندو رهندو. ان کان علاوه صوبائي گھرو وزير ضياءُ الحسن لنجار شاهراهه فيصل، سعود آباد، ملير سٽي ۽ ماڊل ٽائون ڪالوني ٿاڻن جو دورو ڪري بريفنگ ورتي. صوبائي گھرو وزير سعود آباد ۽ ملير سٽي ٿاڻي جي هيڊ محرر کي معطل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، جڏهن ته ٻنهي ٿاڻن جي ايس ايڇ اوز کي به وارننگ ڏني. گهرو وزير پوليس کي هدايت ڪئي ته شهرين جي شڪايتن جو ازالو ڪيو وڃي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
34.9 ° C
34.9 °
34.9 °
4 %
2.9kmh
0 %
سُومر
35 °
اڱارو
35 °
اربع
36 °
خميس
35 °
جمعو
32 °

تازه ترين خبرون