تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

ڪراچي جي علائقي بوٽ بيسن ۾ شهري تي تشدد ڪندڙ ست سڪيورٽي گارڊ گرفتار، چار ڪلاشنڪوف هٿ

- Advertisement -
ڪراچي جي علائقي بوٽ بيسن ۾ جهيڙي دوران شهري تي تشدد ڪندڙ ستن سڪيورٽي گارڊن کي پوليس گرفتار ڪري جديد هٿيار هٿ ڪري ورتا آهن. ڊي آءِ جي ڏکڻ زون اسد رضا جو چوڻ آهي ته بوٽ بيسن واري علائقي ۾ جهيڙي واري معاملي ۾ ڏکڻ پوليس فوري ڪارروائي ڪندي رات دير سان ٻن مختلف هنڌن تي ڇاپا هڻي ستن خانگي سڪيورٽي گارڊن کي گرفتار ڪري ورتو. هن چيو ته گرفتار گارڊن وٽان جديد هٿيار به هٿ ڪيا ويا آهن، هٿ آيل هٿيارن جي جاچ ڪئي پئي وڃي ته اهي لائسنس وارا آهن يا بنا لائسنس وارا آهن. ڊي آءِ جي ڏکڻ زون چيو ته گرفتار گارڊن مان چئن جي غوث بخش، جلاد خان، علي زين ۽ حسن طور سڃاڻپ ٿي آهي، گرفتار گارڊ شاهزين مري جا ذاتي محافظ آهن. اسد رضا چيو ته مک جوابدارشاهزين مري پنهنجي گارڊن سان گڏجي هڪ شهري تي تشدد ڪيو ۽ واقعي بعد بلوچستان فرار ٿي ويو. ڊي آءِ جي ڏکڻ زون اسد رضا چيو ته پوليس شاهزين مري جي گرفتاري لاءِ بلوچستان حڪومت سان رابطو ڪيو آهي، جڏهن ته واقعي ۾ ملوث ٻين ماڻهن جي گرفتاري لاءِ به ڪارروايون جاري آهن…………..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
30.6 ° C
30.6 °
30.6 °
10 %
4.1kmh
52 %
جمعو
31 °
ڇنڇر
31 °
آچر
28 °
سُومر
27 °
اڱارو
27 °

تازه ترين خبرون