تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

سپريم ڪورٽ طرفان 9 مئي واقعن بابت جوڊيشل ڪميشن قائم ڪرڻ بابت تحريڪ انصاف کان وڌيڪ تفصيل طلب

- Advertisement -
سپريم ڪورٽ جي آئيني بنيچ 9 مئي  بابت جوڊيشل ڪميشن جي جوڙجڪ واري معاملي تي تحريڪ انصاف کي وڌيڪ دستاويز جمع ڪرائڻ جي مهلت ڏيندي ٻڌڻي اڻڄاتل مدي لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي. جسٽس امين الدين خان جي سربراهيءَ ۾ پنج رڪني آئيني بينچ تحريڪ انصاف باني جي درخواست جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران پي ٽي آءِ باني جي وڪيل حامد خان 9 مئي واقعي تي جوڊيشل ڪميشن جي جوڙجڪ بابت دليل ڏنا. جسٽس امين الدين خان پڇاڻو ڪيو ته اوهان جي هن درخواست ۾ اپيل ڪهڙي آهي؟. وڪيل حامد خان چيو ته 9مئي واقعي تي جوڊيشل ڪميشن قائم ڪئي وڃي، چيف جسٽس ۽ سپريم ڪورٽ جي ٻن سينيئر ججن تي ٻڌل ڪميشن قائم ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي آهي ۽ ٻئي اپيل سويلين جو ملٽري ٽرائل نه ڪيو وڃي. جسٽس محمد علي مظهر رمارڪس ڏنا ته سويلين جي ملٽري ٽرائل بابت اپيل ته اوهان جي غير موثر ٿي چڪي آهي، اهو ته ڌار ڪيس هلي رهيو آهي، ڇا 184 جي شق 3 ۾ هو جوڊيشل ڪميشن قائم ڪرڻ جو معاملو ڏسي سگهن ٿا. تحريڪ انصاف باني جي وڪيل حامد خان چيو ته 9مئي هڪ قومي واقعو آهي، پر هن جي جوڊيشل انڪوائري ناهي ٿي. جسٽس محمد علي مظهر پڇاڻو ڪيو ته اوهان ملٽري ڪورٽن ۾ سويلين جي ٽرائل بابت ڪيس ۾ ڪٿي جوڊيشل ڪميش جي اپيل ڪئي آهي؟. وڪيل حامد خان چيو ته نه هن ڪيس ۾ هنن جوڊيشل ڪميشن قائم ڪرڻ بابت ڪابه اپيل ناهي ڪئي. جسٽس جمال مندوخيل رمارڪس ڏنا ته اوهان پنهنجي درخواست ۾ لکيو آهي ته 9 مئي واقعي ۾ ڪيترائي شهري مارجي ويا، ڇا اوهان 9 مئي واقعن ۾ مارجي ويل ڪنهن شهري جو ڊيٿ سرٽيفڪيٽ لڳايو آهي؟، ڪو هڪ سرٽيفڪيٽ ته ڏيکاريو. جسٽس امين الدين خان سوال اٿاريو ته شهرين جي مارجڻ جي ڪا خانگي شڪايت داخل ٿي آهي؟، ڪا هڪ ايف آءِ آر داخل ٿي آهي ته اها ڏيکاريو. جسٽس حسن اظهر رضوي چيو ته 9 مئي واقعن ۾ مارجي ويل شهرين جي ڪا ميڊيا رپورٽ ئي پيش ڪئي وڃي ها. سپريم ڪورٽ جي آئيني بنيچ 9 مئي  بابت جوڊيشل ڪميشن جي جوڙجڪ واري معاملي تي تحريڪ انصاف کي وڌيڪ دستاويز جمع ڪرائڻ جي مهلت ڏيندي ٻڌڻي اڻڄاتل مدي لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي………..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
7 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
clear sky
29.3 ° C
29.3 °
29.3 °
13 %
2.3kmh
4 %
جمعو
31 °
ڇنڇر
31 °
آچر
28 °
سُومر
27 °
اڱارو
27 °

تازه ترين خبرون