تازه ترين

ڪراچي جي علائقي  فيروز آباد ۾ هٿياربندن فائرنگ ڪري نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو

ڪراچي جي علائقي  فيروز آباد ۾ هٿياربندن فائرنگ ڪري نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو.

شهيد ملت روڊ انڊر پاس ڀرسان هٿياربندن فائرنگ ڪئي.

فائرنگ جي نتيجي ۾ موٽرسائيڪل سوار نوجوان مارجي ويو.

واقعي بعد نوجوان جو مڙهه ضروري ڪارروائي لاءِ ايمبولينس ذريعي جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو.

مقتول نوجوان جي سڃاڻپ دانش ولد شيخ رضوان احمد جي نالي سان ڪئي وئي، جيڪو پي آءِ بي ڪالوني پريس ڪوارٽر جو رهواسي هو.

ايس ايس پي اوڀر عرفان بهادر موجب نوجوان کي مٿي  ۾ هڪ گولي هڻي قتل ڪيو ويو آهي، واقعي واري هنڌ تان ڦر جون ڪي به شاهديون ناهن مليون، مقتول نوجوان وٽ پرس ۽ موبائل سميت سمورو سامان موجود آهي، جاچ کانپوءِ حقيقت جي خبر پئجي ويندي.

مقتول نوجوان جو لاش جناح اسپتال مان ڇيپا سرد خاني منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته پوليس سندس والد کي ٿاڻي تي گهرائي مڙهه وصولي جو ليٽر ڏنو.

مقتول نوجوان جي والد شيخ رضوان ٻڌايو ته پوليس سهڪار نه پئي ڪري، ڪيترائي ڪلاڪ گذري ويا آهن پر حقيقت نٿي ٻڌائي وڃي، دانش چئن ڀينرن ۽ ڀائرن جو سڀ کان وڏو ۽ ميڊيسن ڪمپني ۾ ملازمت ڪندو هو

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
102,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
8 ° C
8 °
8 °
50 %
2.2kmh
2 %
سُومر
15 °
اڱارو
16 °
اربع
16 °
خميس
16 °
جمعو
16 °

تازه ترين خبرون