تازه ترين

ڪراچي جي علائقي ناظم آباد ۾ آن لائين فوڊ ڊيليوري ڪمپني جي گدام ۾ باهه لڳي وئي

- Advertisement -
ڪراچي جي علائقي ناظم آباد ۾ آن لائين فوڊ ڊيليوري ڪمپني جي گدام ۾ باهه لڳي وئي، فائر برگيڊ عملي 8 ڪلاڪن جي جدوجهد بعد باهه وسائي ڇڏي. گذريل ڏينهن ناظم آباد عيد گاهه گرا.ڳبڊ ڀرسان عمارت جي بيسمينٽ ۾ اوچتو باهه لڳي وئي، انهي عمارت ۾ آن لائين کاڌو ڊيليوري ڪندڙ ڪمپني جي آفيس قائم آهي. ريسڪيو عملدارن جو چوڻ آهي دونهين سبب فائر فائٽر باهه وسائڻ جو عمل ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين شروع نه ڪري سگھيا، پر 10 فائر ٽينڊرز جي مدد سان باهه تي اٺ ڪلاڪن کانپوءِ ضابطو آندو ويو. ريسڪيو عملدارن جو چوڻ آهي ته گدام ۾ هوا جي اچ وڃ جو ڪوبه رستو ناهي، اندر وڃڻ جو هڪ ئي رستو هو، دونهون ڀرجڻ سبب فائر ٽينڊرز کي اندر وڃڻ ۾ ڏکيائي پيش آئي. ريسڪيو عملدارن جو وڌيڪ چوڻ هو ته گدام ۾ گيهه، تيل ۽ اٽي سميت کاڌي پيتي جو سامان موجود هو، واقعي ۾ ڪوبه جاني نقصان ناهي ٿيو، عمارت ۾ موجود آفيس باهه لڳڻ وقت بند هئي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
31.1 ° C
31.1 °
31.1 °
8 %
3.5kmh
100 %
اڱارو
30 °
اربع
37 °
خميس
36 °
جمعو
34 °
ڇنڇر
31 °

تازه ترين خبرون