تازه ترين

سکر: اسسٽنٽ ڪمشنر جي حڪم تي بيڪري مالڪ مٿان تشدد، ويڊيو وائرل

- Advertisement -
سکر ۾ پوليس اهلڪارن طرفان بيڪري مالڪ تي سرعام تشدد ڪيو ويو جنهن جا سي سي ٽي وي فٽيجز سنڌ ٽي وي نيوز هٿ ڪري ورتا آهن. سکر جي مشن روڊ تي بيڪري مالڪ محمد بلاول خواجا کي روزي جي حالت ۾ پوليس اهلڪارن اسسٽنٽ ڊپٽي ڪمشنر ثوبيه فلڪ جي هدايتن تي تشدد جو نشانو بڻايو، جنهن جي وڊيو وائرل ٿي وئي. وڊيو ۾ پوليس اهلڪار بيڪري مالڪ کي ڳچي ۾ مان جـَهلي گـِهليندي نظر اچن ٿا. ٻئي پاسي سنڌ ٽي وي نيوز جي انويسٽيگيشن سيل پوليس ۽ انتظاميا جي ڊي سي ايم بي راجا ڌاريجو جي هدايتن تي ڪيل ڪارروايون جا اهم ثبوت هٿ ڪري ورتا آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته سکر ۾ ڊي سي راجا ڌاريجو ۽ اي ڊي سي ثوبيه فلڪ رائو کي کُلي ڇوٽ مليل آهي جنهن ڪري هوءَ اڪثر شريف شهرين ۽ واپارين کي تذليل جو نشانو بڻائيندي رهي ٿي. ذريعن موجب، مقرر اگهن تي عمل ڪرائڻ بهاني ڊپٽي ڪمشنر ۽ اي ڊي سي شهر  دهشت پيدا ڪرڻ گھرن ٿا. اهڙي واقعي کانپوءِ سکر جي ڪاروباري ماڻهن ۾ بيچيني پکڙجي وئي آهي. واپارين جو چوڻ آهي ته انتظاميا بنا ڪنهن سبب جي ڪاروباري ماڻهن کي حراسان ڪري رهي آهي، ڊپٽي ڪمشنر جي سربراهي ۾ اسسٽنٽ ڪمشنرز ۽ مختيار ڪار به ڪاروباري ماڻهن سان ناجائزيون ڪري رهيا آهن. واپاري برادري جو چوڻ آهي ته بيڪري مالڪ محمد بلال خواجا سان ٿيل بدتميزي جي شفاف جاچ ڪرائي ڊي سي ۽ اي ڊي سي خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي……
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
31.1 ° C
31.1 °
31.1 °
8 %
3.5kmh
100 %
اڱارو
30 °
اربع
37 °
خميس
36 °
جمعو
34 °
ڇنڇر
31 °

تازه ترين خبرون