- Advertisement -
ڪراچي جي علائقي ڪورنگي بلال ڪالوني ۾ هٿياربندن گهر ٻاهران ويٺل ٻن نوجوانن کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو.
پوليس جو چوڻ ته مقتولن جي سڃاڻپ امتياز ۽ محسن جي نالن سان ٿي، ٻئي پاڻ ۾ دوست هئا ۽ مڪينڪ هئا.
پوليس موجب، هڪ ئي موٽر سائيڪل تي سوار ٽن هٿياربندن 10 کان 12 فائر ڪيا، پوليس ٽيم کي واقعي واري هنڌ تان گولين جا ٽي خول مليا آهن جڏهن ته ڪرائم سين يونٽ واقعي واري هنڌ تان شاهديون گڏ ڪري رهي آهي، ان کان علاوه علائقي جي سي سي ٽي وي فٽيجز جي مدد سان به جوابدارن جي ڳولا ڪئي پئي وڃي.
پوليس موجب، شروعاتي طور تي معلوم ٿيو آهي ته مقتول کي ڏوهاري قسم جا ماڻهو ڌمڪيون ڏيندا هئا، ڏوهارين قسم جي ماڻهن کي شڪ هو ته کين گرفتار ڪرائڻ ۾ ٻنهي دوستن جو هٿ هو.
پوليس موجب، مقتول کي ڌمڪيون ڏيندڙ جوابدار منشيات فروشي ۽ ڦر جي واقعن ۾ ملوث آهن، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.- Advertisement -
