حيدرآباد سي ٽي ڊي جي مٽياري ۾ ڪارروائي، هڪ دهشتگرد گرفتار

- Advertisement -
سي ٽي ڊي حيدرآباد مٽياري ڀرسان ڪارروائي ڪري پابندي مڙهيل تنظيم جي دهشتگرد کي گرفتار ڪري ورتو آهي. سي ٽي ڊي ترجمان جو چوڻ آهي ته ڳجهي اطلاع تي مٽياري ۾ قبرستان موڙ وٽ ڪارروائي ڪري هڪ دهشتگرد کي گرفتار ڪيو ويو جنهن جي سڃاڻپ دريا خان طور ٿي. ترجمان موجب، گرفتار دهشتگرد وٽان هٿيار، گوليون، نان اليڪٽرڪ ڊيٽونيٽر ۽ 555 گرام بارودي مواد هٿ ڪيو ويو. سي ٽي ڊي ترجمان ٻڌايو ته گرفتار دهشتگرد ملڪ دشمن سرگرمين ۾ ملوث آهي، هو هٿيار ۽ بارودي مواد جي ترسيل به ملوث آهي. سي ٽي ترجمان وڌيڪ ٻڌايو ته گرفتار دهشتگرد کان وڌيڪ پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
23.9 ° C
23.9 °
23.9 °
27%
1.5m/s
9%
خميس
23 °
جمعو
26 °
ڇنڇر
27 °
آچر
25 °
سُومر
26 °

تازه ترين خبرون