تازه ترين

ڪراچي جي علائقي ڪورنگي ۾ ڦر مزاحمت تي ڦورو گوليون هڻي پيءُ کي قتل ۽ پٽ کي زخمي ڪري ڇڏيو

ڪراچي جي علائقي ڪورنگي ۾ ڦر مزاحمت تي ڦورو گوليون هڻي پيءُ کي قتل ۽ پٽ کي زخمي ڪري ڇڏيو، پوليس فائرنگ ڪندڙ جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو.

پوليس جو چوڻ آهي ته ڪوسٽ گارڊ چورنگي وٽ ايل پي جي دڪان تي ڦر جي ڪوشش ڪئي، مزاحمت تي 50 ورهين جو ظفر اقبال مارجي ويو جڏهن ته سندس پٽ وهاب زخمي ٿي پيو.

ريسڪيو ٽيمن واقعي واري هنڌ پهچي مارجي ويل جو مڙهه ۽ زخمي کي اسپتال منتقل ڪيو.

پوليس جو چوڻ آهي ته فائرنگ ڪندڙ ٻن جوابدارن کي زخمي حالت ۾ جناح اسپتال مان گرفتار ڪيو ويو آهي.

پوليس موجب، ٻئي جوابدار پنهنجي ئي ساٿين جي فائرنگ ۾ زخمي ٿيا، سڃاڻپ بعد ٻنهي کي حراست ۾ ورتو ويو.

پوليس جو وڌيڪ چوڻ آهي ته گرفتتار جوابدار جي سڃاڻپ ڪئي پئي وڃي جڏهن ته سندن ڪرمنل رڪارڊ به چيڪ ڪيو پيو وڃي.

لاڳاپيل خبرون

[td_block_social_counter facebook="sindhtvnews" twitter="sindhtvnews247" youtube="channel/UCcZP1mxc96qY2KvU87XGg7w" style="style8 td-social-boxed td-social-font-icons" tdc_css="eyJhbGwiOnsiY29udGVudC1oLWFsaWduIjoiY29udGVudC1ob3Jpei1jZW50ZXIiLCJkaXNwbGF5IjoiIn19" open_in_new_window="y" title_tag="h2" block_template_id="td_block_template_2" instagram="sindhtvnews" tiktok="@sindhtvnewsofficial" manual_count_facebook="1523504" manual_count_instagram="48,882"]
Pakistan
clear sky
30.4 ° C
30.4 °
30.4 °
11 %
6.4kmh
0 %
اربع
31 °
خميس
36 °
جمعو
37 °
ڇنڇر
37 °
آچر
35 °

تازه ترين خبرون