- Advertisement -
جيڪب آباد ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 3 ڄڻا مارجي ويا آهن.
سٽي ٿاڻي جي حد اولڊ ڪاليج روڊ تي هٿياربندن فائرنگ ڪئي.
فائرنگ جي نتيجي ۾ ڳوٺ مهراڻ پهوڙ واسي منير احمد ۽ حيات پهوڙ قتل ٿي ويا جڏهن ته نصير پهوڙ زخمي ٿي پيو.
اطلاع ملڻ بعد پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مارجي ويلن جا لاش ۽ زخمي کي کڻائي اسپتال پهچايو.
زخمي نصير پهوڙ ٻڌايو ته هو چاچي ۽ سئوٽ سان گڏ حاضري تي آيل هئا، پنهنجي ئي برادري جي ماڻهن حملو ڪيو آهي.
زخمي نصير پهوڙ اسپتال ۾ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو جنهن بعد مارجي ويلن جو انگ وڌي 3 ٿي ويو.
اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد مقتولن جا لاش وارثن حوالي ڪيا ويا.
ٽن ڄڻن جا لاش گهرن ۾ پهچڻ تي ڪهرام ۽ علائقي ۾ سوڳ وارو ماحول ڇائنجي ويو.
پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو پراڻي دشمني تان پيش آيو آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.- Advertisement -
