- Advertisement -
ڪراچي جي علائقي گارڊن ايسٽ ۾ ٻن ٻارڙن سميت 3 ڄڻا کوهه ۾ ڪـِري فوت ٿي ويا.
ريسڪيو ذريعن موجب گارڊن ۾ رهائشي اپارٽمنٽ ڀرسان 2 ٻارڙا ڪرڪيٽ کيڏندي کوهه ۾ ڪري پيا، ٻارڙن کي بچائڻ لاءِ کوهه ۾ لٿل نوجوان ڦاسي پيو.
ٻارڙن جي کوهه ۾ ٻڏي وڃڻ جي اطلاع تي ٻارڙن کي بچائڻ لاءِ امدادي ڪارروايون شروع ڪيون ويون، پر ٻه ٻار ۽ کين بچائڻ لاءِ کوهه ۾ لٿل نوجوان فوت ٿي ويا، جن جا لاش ٻاهر ڪڍي اسپتال منتقل ڪيا ويا.
ريسڪيو ۽ پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته ٻارڙا سني اپارٽمينٽ جا رهواسي هئا، کين کوهه ۾ ٻڏندي ڏسي هڪ نوجوان کين بچائڻ لاءِ هيٺ لهي ويو، پر ٽئي ٻڏي فوت ٿي ويا، ٻارن جي عمر 10 کان 12 سالن جي وچ ۾ آهي.- Advertisement -
