- Advertisement -
ڪراچي جي ميئر بئريسٽر مرتضيٰ وهاب ڪي ايم سي جي عمارت کي سولر سسٽم تي منتقل ڪرڻ جو افتتاح ڪري ڇڏيو.
ميئر بئريسٽر مرتضيٰ وهاب جو چوڻ هو ته هي پاڪستان جي پهرين ڪائونسل آهي جنهن کي سولر سسٽم تي تبديل ڪيو ويو آهي، ڪراچي جي ٽن وڏين شاهراهن کي به سولر سسٽم تي منتقل ڪيو پيو وڃي.
هن چيو ته هل پارڪ ۾ به سولر پينل لڳائڻ جو ڪم پڻ مڪمل ڪري ورتو آهي، ايندڙ وقت ۾ ڪراچي ۾ وڌيڪ پارڪن، تفريحي علائقن ۽ شاهراهن تي به سولر سسٽم لڳايو ويندو.
مرتضيٰ وهاب چيو ته سولر سسٽم لڳائڻ سان ڪراچي ميونسپلٽي تي اربين رپين جو مالي بار گهٽ ٿي ويندو، سولر سسٽم ذريعي پيدا ٿيندڙ اضافي بجلي اليڪٽرڪ يوٽيلٽي کي وڪرو ڪري سگهجي ٿي.
هن چيو ته ايم سي بلڊنگ جي ڇت تي ڪل 259 سولر پينل لڳايا ويا آهن، جن ذريعي روزانو 650 کان 700 يونٽ بجلي پيدا ڪئي ويندي.
ميئر ڪراچي چيو ته پاڪستان ۾ موسمي طور تي شمسي توانائي ذريعي بجلي حاصل ڪرڻ آسان آهي ۽ اسان کي ان مان وڌ کان وڌ فائدو وٺڻ گهرجي.- Advertisement -
