- Advertisement -
ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب گلشن اقبال جو دورو ڪري ڪي فور منصوبي جي پاڻي لائين جي ترقياتي ڪم جو جائزو ورتو.
واٽر بورڊ عملدارن ميئر ڪراچي کي ڪي فور منصوبي تحت پاڻي جي لائين بابت تفيصلي بريفنگ ڏني.
ان موقعي تي ميئر ڪراچي جو چوڻ هو ڪي فور منصوبي جو پهريون حصو واپڊا مڪمل ڪري رهي آهي، ٻيو حصو حڪومت ۽ ڪي ڊبليو ايس ايس آءِ پي جي گڏيل ڀائيواري سان اڳتي وڌي پيو.
هن چيو ته يونيورسٽي روڊ جو ڪي فور سيڪشن ريڊ لائين سان ڳنڍيل آهي، منصوبي تي فوري طور تي ڪم شروع ڪرڻ جو اهم فيصلو ڪيو آهي.
ميئر ڪراچي جو وڌيڪ چوڻ آهي ته يونيورسٽي روڊ تي ڪي فور جو ڪم سال جي آخر تائين مڪمل ڪيو ويندو.
ايم ڊي واٽر ورڊ، سيوريج امپرومينٽ پلان جو سربراهه ميئر ڪراچي سان گڏ هئا…
- Advertisement -
