تازه ترين

قمبر ويجهو برڪت شاهه پاڙي ۾ پئسن جي ڏيتي ليتي تان وڏي ڀاءُ ننڍي ڀاءُ کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو

- Advertisement -
قمبر ويجهو برڪت شاهه پاڙي ۾ پئسن جي ڏيتي ليتي تان وڏي ڀاءُ ننڍي ڀاءُ کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو. وڏي ڀاءُ اظهر گوپانگ ننڊ ستل ننڍي ڀاءُ وزير علي گوپانگ کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو. پوليس جو چوڻ آهي ته شروعاتي جاچ موجب ٻئي ڀائرل پپل چوڪ تي برف جو دڪان هلائيندا هئا جن ۾ پئسن جي ڏيتي ليتيءَ تان منهن ماري ٿي. پوليس موجب وڏي ڀاءُ اظهر گوپانگ جيڪو آئيس پڻ واپرائيندو آهي، اڄ صبح ننڊ ستل پنهنجي ننڍي ڀاءُ وزير عرف راشد علي کي پسٽل جا فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو. پوليس جو چوڻ آهي ته قتل ٿي ويل نوجوان جو لاش تحويل ۾ وٺي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته جوابدار کي پڻ گرفتار ڪيو ويو آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
23.1 ° C
23.1 °
23.1 °
51 %
2.8kmh
15 %
آچر
23 °
سُومر
28 °
اڱارو
30 °
اربع
31 °
خميس
32 °

تازه ترين خبرون