تازه ترين

ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب ۽ ڊپٽي ميئر سلمان عبدالله مراد عباسي شهيد اسپتال جي گائني وارڊ جو افتتاح ڪر ڇڏيو

ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته ماضي ۾ عباسي شهيد اسپتال جي لاءِ چيو ويندو هو ته اسپتال ۾ صحت جو ڪي به سهولتون نه آهن، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايتن تي ورلڊ بينڪ جي سهڪار سان عباسي شهيد اسپتال سميت ڪي ايم سي جي اسپتالن ۾ بهتري آندي پئي وڃي.

ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب ۽ ڊپٽي ميئر سلمان عبدالله مراد عباسي شهيد اسپتال جي گائني وارڊ جو افتتاح ڪر ڇڏيو.

ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي مرتضيٰ وهاب چيو ته ناڪاري سياست ڪندڙ کين ڪم کان روڪي رهيا آهن.

هن چيو ته سياسي اختلاف پنهنجي جاءِ تي پر مخالفن کي اسپتالن جي بهتري واري ڪم ۾ رنڊڪ نه وجهڻ گهرجي.

مرتضي وهاب چيو ته عباسي شهيد اسپتال ۾ ينگ ڊاڪٽرن پاران احتجاج باوجود هو اسپتال پهتا آهن.

هن چيو ڊاڪٽر مسيحا هوندا آهن، ڊاڪٽرن پاران احتجاج ڪرڻ سٺو سنوڻ ناهي.

هڪ سوال جي جواب ۾ مرتضيٰ وهاب چيو ته منشيات واپرائڻ وارن جي بهتري لاءِ سينٽر قائم ڪيا ويا آهن ته جيئن هنن کي منشيات کان ڇوٽڪارو ملي سگهي.

ڪراچي جي ميئر وڌيڪ چيو ته منشيات واپرائڻ وارن کي پوليس گرفتار ڪري عدالتن ۾ پهچائي ٿي پر عدالتون کين آزاد ڪري ڇڏين ٿيون.

مرتضيٰ وهاب چيو ته ملڪ جون حالتون خراب آهن، ڊالر آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيو آهي، اوور بلنگ سڄي ملڪ جو مسئلو بڻجي ويو آهي، مسئلي کي ڳالهين ذريعي حل ڪجي ته بهتر آهي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
105,000SubscribersSubscribe
Pakistan
scattered clouds
4.4 ° C
4.4 °
4.4 °
38 %
1.1kmh
31 %
سُومر
4 °
اڱارو
10 °
اربع
12 °
خميس
13 °
جمعو
15 °

تازه ترين خبرون