مسلم ليگ نون جي اڳواڻ طلال چوڌري چيو آهي ته ڪراچي سڄي ملڪ کي هلائي ٿو پر هتي گند ڪچرو نٿو کنيو وڃي، لاهور ۽ ڪراچي کي ڏسو ليڊر شپ جو فرق واضح نظر ايندو، لاهور صاف لڳو پيو آهي ۽ ڪراچي کڏا آهي، ڪراچي شهر کي به شهباز شريف جي ضرورت آهي.
ڪراچيءَ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي طلال چوڌري چيو ته مريم نواز جي هدايت تي ڪراچي آيو آهي، ڪراچي اچڻ جو مقصد پارٽي کي ري آرگنائيز ڪرڻ آهي، هو يوٿ ونگ کي مضبوط ڪرڻ آيا آهن، حنا بٽ به ساڻن گڏ آهي.
سندس چوڻ هو ته عام چونڊن جي تياري شروع ڪري ڇڏي آهي، راڄڌاني ڪراچي سميت سڄي صوبي جي تڪن ۾ چونڊ وڙهندا، ماڻهو ووٽ سٺي ڪارڪردگي وارن کي ڏين گانا وڄائڻ ۽ نعرا لڳائيندڙن کي نه.
مسلم ليگ نون جي اڳواڻ طلال چوڌري چيو ته ڪراچي کي موٽري وي، ڪي فور منصوبو ۽ امن ن ليگ ڏنو، نيت هجي ته ڪم ٿيندو آهي، سياسي طور تي هن شهر کان ڪجهه ناهي ورتو پر ڏنو آهي.
هن چيو ته لاهور اچي ڏسو اتي روڊن کي دوتو ويندو آهي، ڪراچي وارا کي چوندو ته ووٽ ان کي ڏين جنهن ڪم ڪيو آهي، هو ڪراچي کي لاهور پلس بڻائيندا، پنجاب ۾ ڪارپٽ روڊ آهن جيڪي ڪراچي ۾ ناهن.
مسلم ليگ نون جي اڳواڻ طلال چوڌري چيو ته هڪ نالائق ترين وڏي وزير کي مٿن مڙهيو ويو جيڪو سندن جيان ڪم نه ڪري سگهيو، سندن وٽ پنجاب ۾ اميدوار مڪمل آهن، ڪنهن سان اتحاد يا سيٽ ايڊجسٽمينٽ نه ٿيندي، سنڌ ۾ به اهڙي طرح چونڊ وڙهندا.
سندس چوڻ هو ته شهباز شريف ن ليگ جو نه پر پاڪستان جو وزيراعظم بڻيو ۽ ڪم ڪيو، پنجاب ۾ سندن ڪنهن سان مقابلو ناهي، هڪ پارٽي سان مقابلو هو اها 9 مئي جي ترتوتن جو جواب ڏئي رهي آهي.
مسلم ليگ نون جي اڳواڻ طلال چوڌري چيو ته جن ماڻهن ڪور ڪمانڊر هائوس نه ڇڏيو اهي پولنگ اسٽيشن کي ڇا ڇڏيندا، پي ٽي آءِ چيئرمين ملڪ دشمنن کان فنڊ ۽ مدد وٺندو رهيو، توشاخانه، فارن فنڊنگ ۽ سائفر جو جواب ته ڏئي، ن ليگ نه ڪيل گناهن جي سزا ڀوڳي آهي، هو ايندڙ عام چونڊ نواز شريف جي قيادت ۾ وڙهندا ۽ سنڌ ۾ ڪلين سوئيپ ڪندا.