سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ڪراچي شهر مان غير قانوني بس اڏن جي هر صورت ۾ منتقلي ٿيندي، شهر مان ٻاهر ٽرمينلز جي منتقلي جو مقصد شهر جي روڊن تان غير قانوني بس اڏن جو خاتمو آهي، ڪجهه بس آپريٽرز ڪوڙا ۽ بي بنياد ڪيس داخل ڪرائي رهيا آهن، عدالتي حڪم تحت بس اڏن کي شهر کان ٻاهر منتقل ڪيو پيو وڃي.
جاري ڪيل بيان ۾ شرجيل انعام ميمڻ چيو ته نئين ٽرمينل تائين مفت شٽل سروس جي فراهمي باوجود ڪجهه بس آپريٽر ڪوڙا ۽ هٿ ٺوڪيا ڪيس داخل ڪرائي رهيا آهن.
سندس چوڻ هو ته ڪيترائي آپريٽر قانوني قدمن خلاف مزاحمت ڪرڻ يا ذاتي مفادن لاءِ پبلڪ آفيس هولڊرن تي دٻاءَ وجهڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.
سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ٽرمينلز جي منتقلي هر حال ۾ يقيني بڻائي ويندي، دٻاءُ اچي رهيو آهي پر هو هر صورت ۾ ڪم جاري رکندا، شهر مان ٻاهر ٽرمينلز جي منتقلي جو مقصد شهر جي روڊن تان غير قانوني بس اڏن جو خاتمو آهي.
هن چيو ته ٽرانسپورٽ کاتو قانون جي حڪمراني ۽ عدالتي حڪمن تي عمل کي برقرار رکڻ لاءِ پرعزم آهي، عدالتي حڪم تحت بس اڏن کي شهر کان ٻاهر منتقل ڪيو پيو وڃي، سمورا اسٽيڪ هولڊر قانون جو احترام ۽ سهڪار ڪن.
سنڌ جي سينيئر وزير چيو ته سنڌ سرڪار ٽرانسپورٽرن کي پيش ايندڙ مسئلن کان آگاهه آهي، هو چاهن ٿا ته شهرين جي تڪليفن جو خاتمو ٿئي ۽ ٽرانسپورٽرن جو ڪاروبار به متاثر نه ٿئي.
شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ٽرانسپورٽرن سان ڳالهيون جو سلسلو جاري رهندو، سمورن اسٽيڪ هولڊرن جي مفادن کي نظر ۾ رکندي قدم کنيا ويندا، ٽرانسپورٽ کاتو شهر اندر قانوني ٽرانسپورٽ آپريشنز کي يقيني بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي.