تازه ترين

ڪراچي شهر ۾ هاڻي تيز رفتاريءَ سان ترقياتي منصوبا مڪمل ڪيا ويندا: مرتضيٰ وهاب

ڪراچيءَ جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته ڪراچي شهر ۾ هاڻي تيز رفتاريءَ سان ترقياتي منصوبا مڪمل ڪيا ويندا، شهر جي مرڪزي علائقن سان گڏ ٻهراڙي وارن علائقن جي انفرا اسٽرڪچر کي به بهتر ڪندا، بنا فرق جي هر علائقي جي خدمت ڪندا.

ڪراچيءَ جي ميئر مرتضيٰ وهاب نيو ڪراچي پهچي روڊڪارپيٽنگ ۽ پيور بلاڪ جي ڪم جو افتتاح ڪيو.

ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي مرتضيٰ وهاب چيو ته ڪراچي جي ترقي پيپلزپارٽي جي منشور جو حصو آهي، ايندڙ ساڍا ٽي سال شهر جي ترقي، انفرا اسٽرڪچر جي بحالي ۽ رونقن ۾ اضافي لاءِ وقف آهن.

سندس چوڻ هو ته هو هتي موجود آهن ته ماڻهن کي اميد ڏياري سگهن، سندن هتي موجودگي ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته هر علائقي ۾ بنا فرق جي ڪم جاري آهي.

ڪراچيءَ جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو ته هڪ لک اسڪوائر فٽ هتي پيور بلاڪ لڳايا ويندا، ڪي ايم سي شهر جي بهتري لاءِ ڪم ڪري رهي آهي، هو سڀاڻي ڪورنگي ويندو جتي اهڙي طرح جي اسڪيم جي پيڙهه جو پٿر رکندو.

هن چيو ته ڪي ايم سي هن علائقي ۾ هڪ وڏو اسپورٽس گرائونڊ ٺاهيندي، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جيڪي ڪراچي جي عوام سان واعدا ڪيا اهي پورا ڪيا، ايندڙ وقت شهر لاءِ بهتر ثابت ٿيندو.

ڪراچيءَ جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو ته غيرقانوني هائڊرينٽس خلاف ڪارروايون جاري رهنديون، هو بار بار چئي رهيو آهي ته شهر جا مسئلا حل ڪرڻا آهن، گڏجي ڪم ڪندا ته شيون بهتر ٿينديون، پيپلزپارٽي آزادي صحافت تي يقين رکي ٿي، سندس آفيس سمورن صحافي ڀائرن لاءِ کليل آهي………..

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
108,000SubscribersSubscribe
Pakistan
moderate rain
12.9 ° C
12.9 °
12.9 °
70 %
4.5kmh
31 %
ڇنڇر
13 °
آچر
16 °
سُومر
18 °
اڱارو
21 °
اربع
22 °

تازه ترين خبرون