تازه ترين

ڪراچي: شهيد ملت روڊ تي ٽينڪر جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر، 2 ڄڻا فوت

ڪراچي ۾ روڊ حادثي جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا فوت ۽ هڪ زخمي ٿي پيو آهي، مڇريل ماڻهن واٽر ٽينڪر کي باهه ڏئي ڇڏي، جڏهن ته گورنر سنڌ ڪامران ٽسوري ٻن ڄڻن جي فوت ٿيڻ تي افسوس جو اظهار ڪندي آءِ جي سنڌ کان رپورٽ طلب ڪري ورتي.

شهيد ملت روڊ تي واٽر ٽينڪر ۽  موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر ٿي پيو.

حادثي جي نتيجي ۾ موٽرسائيڪل سوار 2 ڄڻا ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويا، جڏهن ته هڪ زخمي ٿي پيو آهي.

مڇريل ماڻهن واٽر ٽينڪر کي باهه ڏئي ڇڏي.

اطلاع ملڻ بعد پوليس ۽ امدادي ٽيمن حادثي واري هنڌ پهچي فوتين جا لاش ۽ زخمي کي کڻائي اسپتال منتقل پهچايو.

سنڌ جي گورنر ڪامران ٽسوري ڪراچي ۾ واٽر ٽينڪر جي ٽڪر ٻن موٽرسائيڪل سوارن جي فوت ٿيڻ تي افسوس جو اظهار ڪندي آءِ جي سنڌ کان رپورٽ طلب ڪري ورتي.

سنڌ جي گورنر ڪامران ٽسوري فوتين جي مغفرت، بلند درجن ۽ وارثن لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.

گورنر سنڌ ڪامران ٽسوري جو چوڻ آهي ته ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ هو فوتين جي وارثن سان گڏ آهن، معاشي حب ڪراچي ۾ ٽينڪر موت ورهائي رهيا آهن جيڪا فڪر جي ڳالهه آهي، لاڳاپيل اختيارين کي خوني ٽينڪرن خلاف سخت ڪارروائي ڪرڻ گهرجي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
122,000SubscribersSubscribe
Pakistan
scattered clouds
4.6 ° C
4.6 °
4.6 °
29 %
1.5kmh
47 %
ڇنڇر
4 °
آچر
10 °
سُومر
11 °
اڱارو
12 °
اربع
12 °

تازه ترين خبرون