تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

ڪراچي: شهيد ملت روڊ تي ٽينڪر جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر، 2 ڄڻا فوت

- Advertisement -
ڪراچي ۾ روڊ حادثي جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا فوت ۽ هڪ زخمي ٿي پيو آهي، مڇريل ماڻهن واٽر ٽينڪر کي باهه ڏئي ڇڏي، جڏهن ته گورنر سنڌ ڪامران ٽسوري ٻن ڄڻن جي فوت ٿيڻ تي افسوس جو اظهار ڪندي آءِ جي سنڌ کان رپورٽ طلب ڪري ورتي. شهيد ملت روڊ تي واٽر ٽينڪر ۽  موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر ٿي پيو. حادثي جي نتيجي ۾ موٽرسائيڪل سوار 2 ڄڻا ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويا، جڏهن ته هڪ زخمي ٿي پيو آهي. مڇريل ماڻهن واٽر ٽينڪر کي باهه ڏئي ڇڏي. اطلاع ملڻ بعد پوليس ۽ امدادي ٽيمن حادثي واري هنڌ پهچي فوتين جا لاش ۽ زخمي کي کڻائي اسپتال منتقل پهچايو. سنڌ جي گورنر ڪامران ٽسوري ڪراچي ۾ واٽر ٽينڪر جي ٽڪر ٻن موٽرسائيڪل سوارن جي فوت ٿيڻ تي افسوس جو اظهار ڪندي آءِ جي سنڌ کان رپورٽ طلب ڪري ورتي. سنڌ جي گورنر ڪامران ٽسوري فوتين جي مغفرت، بلند درجن ۽ وارثن لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي. گورنر سنڌ ڪامران ٽسوري جو چوڻ آهي ته ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ هو فوتين جي وارثن سان گڏ آهن، معاشي حب ڪراچي ۾ ٽينڪر موت ورهائي رهيا آهن جيڪا فڪر جي ڳالهه آهي، لاڳاپيل اختيارين کي خوني ٽينڪرن خلاف سخت ڪارروائي ڪرڻ گهرجي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
3 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
clear sky
27.3 ° C
27.3 °
27.3 °
13 %
0.5kmh
0 %
خميس
29 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
31 °
آچر
29 °
سُومر
26 °

تازه ترين خبرون