- Advertisement -
ڪراچي ۾ روڊ حادثن جو سلسلو نه رڪجي سگهيو، رڳو هڪ ڪلاڪ دوران مختلف علائقن ۾ ٽن حادثن جي نتيجي ۾ هڪ عورت سميت 4 ڄڻا فوت ۽ 2 زخمي ٿي پيا آهن.
ملير جي علائقي اسپتال چورنگي ويجهو واٽر ٽينڪر ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ ماءُ پٽ سميت فوت ۽ هڪ پٽ زخمي ٿي پيو.
حادثي ۾ رئيسه ۽ ارمان ٿڏي تي فوت ٿي ويا جڏهن ته حسنين زخمي ٿي پيو، لاش ۽ زخمي کي جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو.
نادرن باءِ ڀرسان ڊمپر جي ٽڪر ۾ موٽرسائيڪل سوار هڪ ڄڻو فوت ۽ هڪ زخمي ٿي پيو آهي.
حادثي ۾ فوت ٿيل شهباز جو لاش ۽ زخمي دائود کي اسپتال اماڻيو ويو.
ڊفينس فيز 8 ڪريڪ ويسٽا ڀرسان گاڏي جي ٽڪر ۾ موٽرسائيڪل سوار فوت ٿي ويو آهي.
حادثي ۾ فوت ٿيل جي يار جان طور سڃاڻپ ٿي…….- Advertisement -
