ڊي جي رينجرز سنڌ ميجر جنرل اظھر وقاص چيو آهي ته ڪراچي ملڪ جو معاشي حب آھي، صنعتڪارن ۽ تاجرن جو ملڪ جي ترقيءَ ۾ اھم ڪردار آھي، نوري آباد سميت ٻين صنعتي علائقن ۾ سيڪيورٽيءَ کي وڌيڪ سگھارو بڻايو پيو وڃي ته جيئن صنعتڪار بغير خوف جي ڪاروباري سرگرميون جاري رکي سگھن.
ڊي جي رينجرز سنڌ ميجر جنرل اظھر وقاص نوري آباد ايگزيڪيوٽو ڪلب آف ٽريڊ اينڊ انڊسٽري جو دورو ڪيو، جتي ڪيو ڪلب جي ميمبرن پاران سندس ڀرپور استقبال ڪيو ويو.
سنڌ رينجرز پاران صوبي ۾ پائيدار امن جي قيام ۾ قانون نافذ ڪندڙ ادارن جي ڪردار ۽ شھيدن جي قربانين کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي.
ان موقعي تي ڊي جي رينجرز سنڌ ميجر جنرل اظھر وقاص خطاب ڪندي چيو ته ڪراچي ملڪ جو معاشي حب آھي، صنعتڪارن ۽ تاجرن جو ملڪ جي ترقيءَ ۾ اھم ڪردار آھي.
هن چيو ته نوري آباد سميت ٻين صنعتي علائقن ۾ سيڪيورٽيءَ کي وڌيڪ سگھارو بڻايو پيو وڃي ته جيئن صنعتڪار بغير خوف جي ڪاروباري سرگرميون جاري رکي سگھن.
ڊي جي رينجرز سنڌ پاران علائقي جي سيڪٽر ڪمانڊر کي ھدايت ڪئي وئي ته صنعتڪارن کي پيش ايندڙ سيڪيورٽيءَ جي مسئلن کي پوليس ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان گڏجي ھنگامي بنيادن تي حل ڪيو وڃي.
ان موقعي تي صنعتڪارن پاران ڪراچيءَ ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي خدمتن کي ساراهيو ويو ۽ ملڪ جي ترقيءَ ۽ قيام امن ۾ ڀرپور سهڪار ڪرڻ جو يقين ڏياريو.