- Advertisement -
ڪراچي وڏي تباهيءَ کان بچي ويو، سڪيورٽي ادارن شهر ۾ دهشتگردي جو منصوبو ناڪام بڻائي ڇڏيو.
سڪيورٽِي ادارن موجب، بلديه رئيس ڳوٺ ۾ ڪارروائي دوران 4 ٽن کان وڌيڪ ڌماڪيدار مادو هٿ ڪيو ويو.
سڪيورٽي عملدارن جو چوڻ آهي ته ڪارروائي دوران گيس سيلينڊرز ۽ مني ٽرڪ به تحويل ۾ ورتي وئي..
سڪيورٽِي عملدارن موجب، ڪارروائي حراست ۾ ورتل دهشتگردن جي نشاندهي تي ڪئي وئي.
سڪيورٽي ادارن جو چوڻ آهي ته ٽرڪ ۾ ڌماڪيدار مادو ڀري شهر جي مصروف ترين علائقن ۾ دهشتگردي جو منصوبو ٺاهيو ويو هو.
سڪيورٽِي عملدارن جو وڌيڪ چوڻ هو ته هٿ آيل ڌماڪيدار مادي کي بم ڊسپوزل اسڪواڊ ناڪاره بڻائي ڇڏيو آهي، ڌماڪيدار مادو ڊرمن ۾ ڀري شهر منتقل ڪيو ويو، 60 ڊرم ۽ 5 گيس سلينڊر قبضي ۾ ورتا ويا آهن.- Advertisement -
