ڪراچي پوليس آفيس تي حملي ۾ مدرسي جو استاد به مارجي ويو هو: شرجيل انعام ميمڻ

- Advertisement -
ڪراچي پوليس آفيس تي حملي ۾ مدرسي جو استاد به ملوث هئڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ آهي ته ڪراچي پوليس آفيس تي حملي ۾ مدرسي جو استاد به مارجي ويو هو، اسڪولن ۾ منشيات جو وڪرو روڪڻ لاءِ قانونسازي ڪئي ويندي، وفاقي ۽ صوبائي حڪومت منشيات خلاف گڏجي ڪريڪ ڊائون جو فيصلو ڪيو آهي، غير قانوني پرڏيهين جي رهائشگاهن کي مانيٽر ڪيو ويندو. ايپڪس ڪميٽي جي اجلاس بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته آڪٽوبر 2023ع تائين 43 هزار 762 غيرقانوني طور ترسيل پرڏيهين کي واپس اماڻيو ويو آهي، هڪ هزار 653 کي ملڪ بدر ڪيو ويو، 42 هزار 109 رضاڪاراڻي طور واپس هليا ويا، 81 هزار 106 پرڏيهين وٽ پي او آر ڪارڊ آهي. هن چيو ته 65 هزار 936 پرڏيهين وٽ ٻئي ملڪ جو سٽيزن ڪارڊ آهي، پرڏيهي ماڻهن جا 57 هزار پاڪستاني سڃاڻپ ڪارڊ پهريان ئي بلاڪ ڪيا ويا آهن ۽ 17 هزار 217 سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ڪرڻ جي عمل ۾ آهن. سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته وڏي وزير فيصلو ڪيو آهي ته سمورن غير قانوني طور ترسيل پرڏيهين جي ڊيٽا ٻيهر جمع ڪئي وڃي، جيڪي مختلف تعليمي ادارن ۾ غيرقانوني طور تعليم حاصل ڪري رهيا آهن سندن به ڊيٽا گڏ ڪئي وڃي. هن چيو ته ڊيٽا گڏ ڪرڻ جي عمل ۾ اسپيشل برانچ، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جا ادارا گڏجي ڪم ڪندا، اسڪولن ۾ منشيات وڪرو ڪندڙن بابت قانون سازي ڪئي ويندي. سنڌ جي سينيئر وزير چيو ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومت منشيات خلاف ڪريڪ ڊائون جو فيصلو ڪيو آهي، منشيات وڪرو ڪندڙن جا ڏينهن ڳڻجي چڪا آهن، منشيات وڪرو ڪرڻ کان پاسو ڪن ٻي صورت ۾ سندن حشر خراب ٿيندو. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته غير قانوني طور ترسيل پرڏيهين بابت اهم فيصلا ڪيا ويا آهن، جتي هو تحفظ وٺڻ ٿا انهن جاين جي مانيٽرنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويوآهي، ڪراچي پوليس آفيس تي حملي ۾ هڪ مدرسي جو استاد هو جنهن تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو. سنڌ جي سينيئر وزير چيو ته ڪراچي پوليس آفيس تي حملي ۾ استاد جو ملوث هئڻ ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي، صدر آصف علي زرداري واضح هدايتون ڪيون آهن ته ڌاڙيلن جي مددگارن سان ڪابه رعايت نه ڪئي وڃي، ڪير به ڏوهارين جي سرپرستي ڪندو سندس خلاف ڪارروائي ٿيندي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته اسٽريٽ ڪرائيم تي پوليس ۽ رينجرز ڪارروايون ڪري رهي آهي، پوليس نيڪ نيتي سان وڏي وزير جي هدايتن موجب محنت ڪري رهي آهي، جيڪي ماڻهو وڏين وڏين گاڏين ۾ هٿيارن جي نمائش ڪندا آهن سندن خلاف ڪريڪ ڊائون جو فيصلو ڪيو ويو آهي. سنڌ جي سينيئر وزير چيو ته هٿيارن جي نمائش ڪئي وئي ته سخت ڪارروائي ڪئي ويندي، اسٽريٽ ڪرائيم بابت صدر به ڳالهه ڪئي، پوليس پنهنجي ڪارڪردگي ٻڌائي، ڪچي ۾ ڪارروايون هلي رهيون آهن، ڪيترائي مغوي بازياب ٿيا آهن. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پوليس ڪاررواين دوران گرفتاريون به ڪري رهي آهي، اسٽريٽ ڪرمنلز خلاف سڀ هڪ پيج تي آهن، هو مڃن ٿا سڀ ٺيڪ ناهي، سياسي قيادت ۽ پوليس وڏي وزير جي قيادت ۾ اسٽريٽ ڪرمنلز خلاف ڪم ڪري رهيا آهن. سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته هٿيارن جي نمائش تي مڪمل طور پابندي آهي، سڀاڻي کان قانون لاڳ ڪندڙ ادارا ڪارروائي ڪندا، جنهن هٿيارن جي نمائش ڪئي بنا وردي جي سندس خلاف ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
14.9 ° C
14.9 °
14.9 °
46%
1.8m/s
88%
خميس
15 °
جمعو
22 °
ڇنڇر
23 °
آچر
24 °
سُومر
25 °

تازه ترين خبرون