- Advertisement -
پاڪ بحريه ۽ آمريڪي بحريه وچ ۾ ٻه طرفي مشق انسپائرڊ يونين 2024ع ڪراچي ۾ ٿي.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته ٽن ڏينهن واري مشق ۾ يو ايس ميرين ڪور، ڪوسٽ گارڊز، ڊائيونگ، ليگل، نيول ڪنسٽرڪشن فورس، سول افيئرز ۽ ميڊيڪل ٽيمن شرڪت ڪئي.
آءِ ايس پي آر موجب، مشق دوران آمريڪي بحريه جي ڪمانڊر سي ٽي اي 52 ڪمانڊر پاڪستان فليٽ ۽ ڪمانڊر ڪوسٽ سان ملاقات ڪئي ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن بابت ڳالهيون ڪيون ويون.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته مشق جو مقصد خطي ۾ محفوظ، جٽادار سامونڊي ماحول ۽ ٻنهي سامونڊي فوجن وچ ۾ لاڳاپن ۽ گڏيل سهڪار کي هٿي ڏيڻ آهي.
آءِ ايس پي آر موجب، مشق انسپائرڊ يونين 2024ع ٻنهي سامونڊي فوجن وچ ۾ مضبوط ٻه طرفي فوجي لاڳاپن جو ثبوت آهي……….- Advertisement -
