تازه ترين

ڪراچي: پوليس ۽ رينجرز جون منشيات فروشن ۽ ڏوهارين خلاف ڪارروايون، 5 جوابدار گرفتار

ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ پوليس ۽ رينجرز گڏيل ڪارروائي دوران پنجن جوابدارن کي گرفتار ڪري منشيات، هٿيار ۽ موٽرسائيڪل هٿ ڪري ورتي آهي.

رينجرز ترجمان موجب، پوليس ۽ رينجرز طرفان منشيات وڪرو ڪندڙن، اسٽريٽ ڪرائيم ۽ ڦر جي وارداتن کي روڪڻ لاءِ اسنيپ چيڪنگ جو سلسلو جاري آهي.

رينجرز ترجمان جو چوڻ آهي ته پوليس ۽ رينجرز دائود ڳوٺ بلديا ٽائون ۽ شر ڳوٺ گلشن اقبال ٽائون ۾ گڏيل ڪارروائي ڪئي.

رينجرز ترجمان موجب، ڪارروائي دوران ڦر ۽ منشيات وڪرو ڪرڻ جي ڪيترن ئي وارداتن ۾ ملوث پنجن جوابدارن کي گرفتار ڪري سندن وٽان 200 گرام حشيش، هڪ پسٽل ۽ هڪ موٽرسائيڪل هٿ ڪئي وئي آهي.

رينجرز ترجمان جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدارن کي هٿيارن، منشيات ۽ ٻئي سامان سميت وڌيڪ قانوني ڪارروائي لاءِ پوليس حوالي ڪيو ويو آهي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
110,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
33.1 ° C
33.1 °
33.1 °
12 %
5.4kmh
2 %
خميس
35 °
جمعو
34 °
ڇنڇر
33 °
آچر
35 °
سُومر
36 °

تازه ترين خبرون