ڪراچي ۾ پوليس ۽ رينجرز گڏيل ڪارروائي دوران جلعسازي، ڀنگ لاءِ اغوا ۽ ڀتا خوري ۾ ملوث ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪيو آهي.
رينجرز ترجمان موجب، اورنگي ٽائون ۾ پوليس ۽ رينجرز گڏيل ڪارروائي ڪئي.
ترجمان جو چوڻ آهي ته جلعسازي، ڀنگ لاءِ اغوا ۽ ڀتا خوري ۾ ملوث ٽن جوابدارن ڪامل عرف ڪامي، شيراز خان عرف شيزي ۽ رائو عرفان کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
رينجرز ترجمان موجب، گرفتار جوابدارن وٽان جعلسازي ۾ استعمال ٿيندڙ 2 غيرقانوني سول ڊفينس کاتي جا ڪارڊ ۽ ڀتي جون پرچيون هٿ ڪيون ويون آهن.
رينجرز ترجمان جو چوڻ آهي ته جوابدار سوشل ميڊيا تي پنهنجو پاڻ کي رينجرز ۽ پوليس اهلڪار ظاهرا ڪندا هئا ۽ يونيفارم ۾ مختلف قسمن جا وڊيو ٺاهي ڪريل مقصدن لاءِ استعمال ۾ ملوث آهن.
رينجرز ترجمان موجب، گرفتار جوابدارن کي قانوني ڪارروائي لاءِ پوليس حوالي ڪيو ويو آهي.