قمبر ۾ نوجوان جو گهر مان ڦاهو کاڌل لاش هٿ آيو آهي جڏهن ته سندس وارثن قتل جو شڪ ظاهر ڪري ڇڏيو

- Advertisement -
قمبر ۾ نوجوان جو گهر مان ڦاهو کاڌل لاش هٿ آيو آهي جڏهن ته سندس وارثن قتل جو شڪ ظاهر ڪري ڇڏيو. شهر جي ناليواري شخصيت مرحوم ارباب علي گوپانگ جي پٽ عرفان علي گوپانگ جو وارثن کي صبح پنھنجي ئي گھر اندر ڦاھو کاڌل لاش مليو. اطلاع ملڻ بعد پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ ڊي ايچ ڪيو اسپتال پهچايو. عرفان علي جي ڀاءُ ايڊووڪيٽ فرحان علي گوپانگ ٻڌايو ته سندس ڀاءُ جي فيملي ڪراچيءَ ويل ھئي هو گھر ۾ اڪيلو ھو. هن چيو ته سندس ڀاءُ جي ڪجھه ڏينھن پھريان پنھنجي ئي برادري جي ماڻھن سان جھيڙو ٿيو ھو، کين شڪ آھي ته ڀاءُ کي گھر ۾ اڪيلو ڏسي قتل ڪري سندس لاش لٽڪايو ويو آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
24.8 ° C
24.8 °
24.8 °
37%
2.7m/s
4%
آچر
24 °
سُومر
29 °
اڱارو
31 °
اربع
31 °
خميس
31 °

تازه ترين خبرون