ڪراچي ۾ ايف آءِ اي اسٽيٽ بينڪ سرڪل پاران مختلف علائقن ۾ موبائل جي دڪانن تي ڇاپا هڻي حوالا هنڊي ۾ ملوث هڪ جوابدار کي گرفتار ڪري سندس قبضي مان پرڏيهي ڪرنسي هٿ ڪري ورتي.
ڊپٽي ڊائريڪٽر جي اڳواڻي ۾ ايف آءِ اي ٽيم اسٽار سٽي مال، صدر جي مختلف علائقن ۾ ڪارروائي ڪري پرڏيهي ڪرنسي جي غيرقانوني ڪاروبار ۾ ملوث عبدالڪريم نالي شخص کي گرفتار ڪري ورتو.
ايف آءِ اي عملدارن جو چوڻ آهي ته گرفتار ڪيل جوابدار جي قبضي مان ساڍا 3 لک رپيا، 15 سئو سعودي ريال ۽ ٻيو سامان هٿ ڪري ورتو.
پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدار پرڏيهي ڪرنسي جي غيرقانوني ڪاروبار ۾ ملوث آهي.


