سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ڪراچي ۾ سمورن صوبن جا ماڻهو آباد هئڻ فخر جوڳي ڳالهه آهي، اجتماعي سڃاڻپ جي ثقافت کين هڪ نرالي مالها ۾ پوئي رکندي آهي، ثقافتي رخن سان ئي هو پنهنجي وطن جي حقيقي سمجهاڻي کي اجاگر ڪري سگهن ٿا، ثقافتي ڏهاڙو رڳو هڪ جشن ئي نه پر ڀائيچاري جي نشاني آهي.
سينٽ پيٽرڪ هاءِ اسڪول ڪراچي ۾ ثقافتي تقريب کي خطاب ڪندي سيد مراد علي شاهه چيو ته هتي اچڻ سندس لاءِ اعزاز ئي ناهي پر دلي خوشي به ٿي رهي آهي، ترقي جو بنياد رکندڙ هي ادارو اڄ نکري رهيو آهي.
سندس چوڻ هو ته سينٽ پيٽرڪ هميشه سندس دل ۾ هڪ خاص مقام رکي ٿو، هو هن اداري وٽان جڏهن به گذرندو آهي، کيس پراڻي يادن سان جوڙي ڇڏيندو آهي.
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته ثقافتي ڏهاڙو رڳو هڪ جشن ئي نه پر ڀائيچاري جي نشاني آهي، اڄ رنگا رنگي ورثي کي ملهائڻ ۽ روايتن مان سکڻ جو ڏينهن آهي.
هن چيو ته ثقافتي لمحا ۽ مشاهدا کين هڪ ٻئي سان گڏ رکن ٿا، اجتماعي سڃاڻپ جي ثقافت کين هڪ نرالي مالها ۾ پوئي رکندي آهي.
سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ثقافتي رخن سان ئي هو پنهنجي وطن جي حقيقي سمجهاڻي کي اجاگر ڪري سگهن ٿا، سندن ورثو رڳو سنڌ، پنجاب، بلوچستان يا ڪي پي ناهي پر پاڪستان سندن ورثو آهي.
سيد مراد علي شاهه چيو ته نرالي سڃاڻپ رکندڙ سندن ملڪ ڀائيچاري جو وڏو مثال آهي، هن ورثي کي ملهائڻ لاءِ موجود شاگردن جي تخليقي صلاحيتن، جذبي ۽ محنت جي تعريف ڪن ٿا.
سنڌ جي وڏي وزير چيو ته شاگردن جو جوش جذبو سندن ثقافتي رنگن جي طاقت ۽ خوبصورتي جي ياد ڏياري آهي، اوهان جي سڃاڻپ ۽ ٻين لاءِ احترام قوم جي مستقبل کي روشن ڪندو.
سيد مراد علي شاهه چيو ته هو ثقافت کي هٿي وٺرائڻ تي فيڪلٽي ۽ اسٽاف جي ڪوششن جو ٿورائتو آهي، تعليم لاءِ اوهان جي محنت ۽ نوجوان لاءِ اوهان جو عزم اهي ٿنڀا آهن جن تي پاڪستان جو مستقبل بيٺل آهي.
ان کان اڳ سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه سينٽ پيٽرڪ اسڪول پهتو.
وڏي وزير جي آمد تي سينٽ پيٽرڪ اسڪول جي پرنسپال آڌرڀاءُ ڪيو.
ڪراچي جي سينٽ پيٽرڪ هاءِ اسڪول ۾ ثقافتي تقريب ڪوٺائي وئي جنهن ۾ چئني صوبن جي ثقافت جا رنگ نروار ڪيا ويا.
تقريب ۾ تعليم واري صوبائي وزير سردار شاهه، سنڌ اسيمبليءَ جي ڊپٽي اسپيڪر نويد انتوني ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
وزيراعليٰ سنڌ جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ٻارڙن ثقافتي ٽيبلوز پيش ڪيا ۽ خوب داد حاصل ڪيو………..