ڪراچي ۾ غير قانوني عمارتون اڏجڻ جو انڪشاف، سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي 21 آفيسرن کي شوڪاز نوٽيس جاري

spot_img
ڪراچي ۾ غير قانوني عمارتون اڏجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي 21 آفيسرن کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري سندن گهيرو تنگ ڪيو ويو آهي. سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي ڊائريڪٽر جنرل عبدالرشيد سولنگي جي حڪم تي غيرقانوني اڏاوتون نه روڪڻ ۽ ڪارروائي نه ڪرڻ تي 21 آفيسرن کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيا ويا. ايس بي سي اي ترجمان موجب، 21 آفيسرن کي سال 2022ع ۾ نقشي جي منظوري کانسواءِ ٽن منزلن تي غيرقانوني اڏاوتن جي ڪيس ۾ شوڪاز نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن. ترجمان موجب، نارٿ ناظم آباد سينٽرل ضلعي آفيسرن ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽرز سيد اويس حسين، عبدل عامرخان ۽ زرغام حيدر سميت ٻيا آفيسر شامل آهن . ان سلسلي ۾ ڊائريڪٽر جنرل ايڊيشنل ڊائريڪٽر جنرل صامت علي خان کي جاچ آفيسر مقرر ڪندي 15 ڏينهن اندر سمورن لاڳاپيل آفيسرن خلاف رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي. سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي ذريعن جو چوڻ آهي ته جاچ رپورٽ اچڻ بعد سڀني آفيسرن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. ترجمان ريحان خان جو چوڻ آهي ته ميونسپل جي سمورن آفيسرن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته شهر جي انفراسٽرڪچر جي تباهي جو سبب بڻجندڙ غيرقانوني اڏاوتن کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو. ترجمان عوام کي پڻ گذارش ڪئي ته هو پنهنجن علائقن ۾ غير قانوني اڏاوتن بابت کاتي کي بروقت اطلاع ڏين ته جيئن انهن کي شروعاتي مرحلي ۾ ئي روڪي سگهجي.

لاڳاپيل خبرون

spot_img
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
10.9 ° C
10.9 °
10.9 °
26%
0.8m/s
37%
اڱارو
11 °
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
19 °
ڇنڇر
18 °

تازه ترين خبرون