تازه ترين

ڪراچي ۾ نينگري فاطمه ڦرڙو جي خون سان انصاف لاءِ جي ڊبليو سي جو مظاهرو

جي ڊبليو سي طرفان پيرن جي حويلي ۾  زيادتي کانپوءِ بيدردي سان قتل ٿيل نينگري فاطما ڦرڙو جي خون سان انصاف لاءِ ڪراچيءَ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

جي ڊبليو سي طرفان نينگري فاطما ڦرڙو جي خون سان انصاف لاءِ  ذوالفقار خاصخيلي،  شوڪت نوناري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪراچي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

جي ڊبليو سي جي احتجاجي مظاهري ۾ سياسي، سماجي، قومپرستن، وڪيلن سميت شهرين جي وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

 احتجاجي مظاهري ۾ وڪيل اڳواڻ محمد خان شيخ، فضا پتافي، ليکڪ اعجاز منگي جي به شرڪت ڪئي.

قانوني ماهر شهاب اوستو، جاويد قاضي، الاهي بخش بڪڪ ۽ ٻين به مظاهري ۾ شرڪت ڪئي.

محسن ٻٻر، انعام شيخ، اعجاز سامٽيو، مصطفيٰ چانڊيو، سورٺ ٿيٻو، صحافي  غازي جهنڊير، مرتضيٰ سيال، سحر شاهه رضوي ۽ ٻيا به شريڪ ٿيا.

ان موقعي تي احتجاجي مظاهري کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته نينگري فاطما ڦرڙو جي خون سان انصاف ۾ دير تي خدشا پيدا ٿي رهيا آهن.

هن چيو ته پير اسد علي شاهه جي گهر واري حنا شاهه به اڃا تائين گرفتار نه ٿي سگهي آهي.

سندن چوڻ هو ته انصاف لاءِ آواز اٿاريندڙن کي ڌمڪيون ڪنهن به صورت ۾ قبول نه آهن.

اڳواڻن مطالبو ڪيو ته فاطما ڦرڙو ڪيس جي جاچ جلد مڪمل ڪري خون سان انصاف ڪيو وڃي

لاڳاپيل خبرون

1,523,009FansLike
46,929FollowersFollow
0FollowersFollow
12,162FollowersFollow
100,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
24.2 ° C
24.2 °
24.2 °
33 %
3kmh
3 %
اڱارو
25 °
اربع
29 °
خميس
30 °
جمعو
28 °
ڇنڇر
27 °

تازه ترين خبرون