تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

ڪراچي ۾ نينگري فاطمه ڦرڙو جي خون سان انصاف لاءِ جي ڊبليو سي جو مظاهرو

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

جي ڊبليو سي طرفان پيرن جي حويلي ۾  زيادتي کانپوءِ بيدردي سان قتل ٿيل نينگري فاطما ڦرڙو جي خون سان انصاف لاءِ ڪراچيءَ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

جي ڊبليو سي طرفان نينگري فاطما ڦرڙو جي خون سان انصاف لاءِ  ذوالفقار خاصخيلي،  شوڪت نوناري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪراچي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

جي ڊبليو سي جي احتجاجي مظاهري ۾ سياسي، سماجي، قومپرستن، وڪيلن سميت شهرين جي وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

 احتجاجي مظاهري ۾ وڪيل اڳواڻ محمد خان شيخ، فضا پتافي، ليکڪ اعجاز منگي جي به شرڪت ڪئي.

قانوني ماهر شهاب اوستو، جاويد قاضي، الاهي بخش بڪڪ ۽ ٻين به مظاهري ۾ شرڪت ڪئي.

محسن ٻٻر، انعام شيخ، اعجاز سامٽيو، مصطفيٰ چانڊيو، سورٺ ٿيٻو، صحافي  غازي جهنڊير، مرتضيٰ سيال، سحر شاهه رضوي ۽ ٻيا به شريڪ ٿيا.

ان موقعي تي احتجاجي مظاهري کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته نينگري فاطما ڦرڙو جي خون سان انصاف ۾ دير تي خدشا پيدا ٿي رهيا آهن.

هن چيو ته پير اسد علي شاهه جي گهر واري حنا شاهه به اڃا تائين گرفتار نه ٿي سگهي آهي.

سندن چوڻ هو ته انصاف لاءِ آواز اٿاريندڙن کي ڌمڪيون ڪنهن به صورت ۾ قبول نه آهن.

اڳواڻن مطالبو ڪيو ته فاطما ڦرڙو ڪيس جي جاچ جلد مڪمل ڪري خون سان انصاف ڪيو وڃي

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
29.2 ° C
29.2 °
29.2 °
16 %
3.4kmh
32 %
خميس
29 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
30 °
آچر
31 °
سُومر
31 °

تازه ترين خبرون