ڪراچي ۾ ٽي تلوار تي مغوي ساگر ڪمار جي بازيابيءَ لاءِ احتجاجي ڌرڻو هنيو ويو.
ڌرڻي ۾ مغوي ساگر ڪمار جي امڙ، ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر، ايس يو پي جي صدر زين شاهه، ن ليگ اڳواڻ کيئل داس ڪوهستاني ۽ ٻين سياسي سماجي پارٽين جي اڳواڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
ان موقعي تي ڌرڻي کي خطاب ڪندي ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر چيو ته هو پاڻ مظلوم آهي، هندو برادري سان هر فروم تي گڏ آهي، هندو برادري پاڻ کي ڪڏهن به اڪيلو نه سمجهي.
ان موقعي تي ايس يو پي جي صدر زين شاهه چيو ته لاڙڪاڻو ۽ سکر ڊويزن ۾ اغوا جي انڊسٽري آھي، ان ۾ ايم پي ايز، ايم اين ايز، وڏيرا، بيوروڪريسي، پوليس ۽ ڌاڙيلن جو گڏيل گروپ آهي.
زين شاهه چيو ته ڪراچي کان ڪشمور تائين بدامني وڌي وئي آھي ، شڪارپور، جيڪب آباد، ڪشمور ۽ سکر ۾ ماڻهو نيشنل ۽ انڊس ھاءِ وي تي نه ٿا وڃي سگهن.
هن چيو ته ٻن سال کان وڌيڪ عرصو ٿي ويو آهي پر پريا ڪماري گم آھي، نازيا کوسو گم آھي.
هن وڌيڪ چيو ته آءِ جي سنڌ ۽ گھرو وزير جيڪڏھن سنجيدا آھن ته پنهنجي پوليس آڻين ۽ گرينڊ آپريشن شروع ڪن، ڌاڙيلن جي سرپرستي ڪندڙ سردارن، اڳوڻن ايم پي ايز ۽ ايم اين ايز جي ڳالهه ٻڌڻ بدران انھن کي ايم پي ايو تحت گرفتار ڪيو وڃي. ايس يو پي جي صدر زين شاهه چيو ته ھتي جيڪو ماڻهو رھي ٿو ته اھو سردارن ۽ ڀوتارن جي مرضي کانسواءِ رھي ۽ ڪاروبار نه ٿو ڪري سگھي .