- Advertisement -
ڪراچي ۾ پوليس مقابلن دوران هڪ ڏوهاري کي مارڻ ۽ ٽن کي زخمي حالت ۾گرفتار ڪرڻ جي دعوى ڪئي آهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته سپر هاءِ وي تي اينٽي وهيڪل لفٽنگ سيل ۽ ڏوهارين ۾ مقابلو ٿي پيو، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ڪار سوار جوابدار مارجي ويو.
ايس ايس پي اي وي ايل سي عرفان سمون جو چوڻ آهي ته اهلڪارن ڪار سوار کي بيهڻ جو اشارو ڪيو ته جوابدار فائرنگ ڪري ڏني، جوابي ڪارروائي ۾ ڏوهاري مارجي ويو.
ايس ايس پي موجب، مارجي ويل ڏوهاري جي قبضي مان هٿيار ۽ڦر ڪيل ڪار هٿ ڪئي وئي آهي جڏهن ته سندس سڃاڻپ ناهي ٿي سگھي، سڃاڻپ ۽ ڪرمنل رڪارڊ چيڪ ڪيو پيو وڃي.
ٻئي پاسي جمشيد ڪوارٽرز پوليس ۽ ڦورن ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي جنهن دوران ٻن ڦورن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو.
پوليس جو چوڻ آهي ته زخمي جوابدارن جي قبضي مان هٿيار ۽ ٻيو سامان مليو آهي.
هوڏانهن لياري ۾ به ڪلري پوليس مقابلي دوارن گينگوار سان تعلق رکندڙ هڪ ڏوهاري کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو آهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته زخمي جوابدار جي سڃاڻپ انور جي نالي طور ٿي آهي سندس وڌيڪ ڪرمنل رڪارڊ چيڪ ڪيو پيو وڃي.- Advertisement -
