- Advertisement -
نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس اڄ ٿي رهيو آهي جنهن ۾ 7 نڪاتي ايجنڊا تي غور ڪيو ويندو.
نگران وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ملڪي معاشي صورتحال جو به جائزو ورتو ويندو جڏهن ته ڪابينا کي عام چونڊن جي تيارين ۽ سڪيورٽي معاملن بابت به بريفنگ ڏني ويندي.
نگران وفاقي ڪابينا فيڊرل بورڊ آف روينيو جي نئين سر تنظيم سازي ڪندي.
ايس آءِ ايف سي به ڪرپشن جي خاتمي ۽ ٽيڪسن جي نظام کي سولو بڻائڻ لاءِ نئين سر تنظيم سازي جي سفارش ڪئي هئي.- Advertisement -
