ڪراچي ۾ پوليس ۽ رينجرز گڏيل ڪارروائي دوران ڦر جي ڪيترين ئي وارداتن ۾ ملوث ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو.
رينجرز ترجمان جو چوڻ آهي ته رينجرز ۽ سرجاني پوليس انٽيليجنس معلومات جي بنياد تي سنيپ چيڪنگ ڪندي سرجاني ويجهو ڦر جي ڪيترين ئي وارداتن ۾ ملوث شبير، جمشيد ۽ گل باز کي گرفتار ڪيو.
رينجرز ترجمان موجب، گرفتار جوابدارن وٽان 3 پسٽل، گوليون، 3 موبائل فون ۽ هڪ جعلي نمبر پليٽ لڳل موٽرسائيڪل هٿ ڪئي وئي.
رينجرز ترجمان جو چوڻ آهي ته جوابدار عادي ڏوهاري آهن ۽ سندن خلاف ڪراچي جي مختلف ٿاڻن تي ڪيترائي ڪيس داخل ٿيل آهن.
رينجرز ترجمان موجب، گرفتار جوابدارن کي هٿيارن ۽ سامان سميت قانوني ڪارروائي لاءِ پوليس حوالي ڪيو ويو آهي.
ڪراچي ۾ پوليس ۽ رينجرز گڏيل ڪارروائي دوران ڦر جي ڪيترين ئي وارداتن ۾ ملوث ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو
لاڳاپيل خبرون
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
9
°
C
9
°
9
°
27%
2m/s
0%
خميس
20
°
جمعو
19
°
ڇنڇر
18
°
آچر
17
°
سُومر
15
°


