تازه ترين

ڪراچي ۾ چيني شهرين تي آپگهاتي حملي جي جاچ لاءِ جي آءِ ٽي قائم ڪئي وئي

ڪراچي ۾ چيني شهرين تي آپگهاتي حملي جي جاچ لاءِ جي آءِ ٽي قائم ڪئي وئي آهي.

عدالتي حڪمن تي گهرو کاتي 8 رڪني جي آءِ ٽي جوڙي ڇڏي.

گهرو کاتي جي آءِ ٽي جوڙڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.

نوٽيفڪيشن موجب، ڊپٽي انسپيڪٽر جنرل سي ٽي ڊي کي جي آءِ ٽي جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو.

نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته ٽنهي حساس ادارن، رينجرز، اسپيشل برانچ، ڪراچي پوليس ۽ ايف آءِ اي آفيسرن کي جي آءِ ٽي ۾ شامل ڪيو ويو آهي.

نوٽيفڪيشن موجب، جي آءِ ٽي ڪنهن به جاچ اداري کان مدد وٺي سگهندي.

نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته جي آءِ ٽي گرفتار جوابدار محمد جاويد ۽ گل نساءَ کان جاچ ڪندي، گهرو کاتي طرفان جي آءِ ٽي کي 15 ڏينهن اندر پورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

جوابدارن کي سنڌ ۽ بلوچستان مان گرفتار ڪيو ويو هو، هاڻي جي آءِ ٽي جوڙي وئي آهي.

ڪراچي ايئرپورٽ ٻاهران آپگهاتي حملي ۾ 2 چيني شهري مارجي ويا هئا ۽ ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو هو

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
123,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
8 ° C
8 °
8 °
46 %
1kmh
7 %
اڱارو
8 °
اربع
12 °
خميس
14 °
جمعو
14 °
ڇنڇر
17 °

تازه ترين خبرون