- Advertisement -
ڪرغزستان جي گادي واري شهر بشڪيڪ ۾ مقامي ۽ پرڏيهي شاگردن ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن جي وڪڙ ۾ پاڪستاني شاگرد به اچي ويا، مڇريل ڪرغز شاگردن، پاڪستاني شاگردن جي هاسٽلن تي حملا ڪيا جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي شاگرد زخمي ٿيڻ جا اطلاع آهن.
ڪرغزستان جي راڄڌاني بشڪيڪ ۾ مقامي ۽ پرڏيهي شاگردن وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو، جڏهن ته پاڪستاني شاگرد به وڪڙ ۾ اچي ويا.
مقامي ماڻهن پاڪستاني شاگردن جي هاسٽلن تي حملا ڪري موجود پاڪستانين کي تشدد جو نشانو بڻايو، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي زخمي ٿي پيا.
حملا ڪندڙن هاسٽلن جي ڪمرن جا دروازا ۽ درين جا شيشا ڀڃي ڇڏيا، واقعي بعد پاڪستاني شاگردن ۾ خوف پکڙجي ويو.
هاسٽل ۾ پاڪستاني شاگردن کي به هيسائڻ جا طلاع سامهون آيا آهن.
بشڪيڪ ۾ موجود پاڪستاني شاگردن حڪومت کان مدد جي اپيل ڪئي آهي.
مقامي پوليس حالتون ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ناڪام ٿيڻ کانپوءِ ڪرغز حڪومت بشڪيڪ ۾ فوج مقرر ڪري ڇڏي.
پاڪستاني شاگردن جي حڪومت کان مدد جي اپيل ڪئي آهي.
پاڪستاني شاگردن جو چوڻ آهي ته ڪرغزستان ۾ ڇڪتاڻ مصري ۽ مقامي شاگردن ۾ جهيڙي سبب شروع ٿي، جهيڙي جي وڊيو وائرل ٿيڻ کانپوءِ مقامي ماڻهن پرڏيهي شاگردن جي هاسٽلن تي حملا ڪيا ۽ شاگردياڻين کي به هيسايو ويو.- Advertisement -
