ڪريم بخش کوسو ڀرسان ڪارنهن الزام هيٺ جوابدار پنهنجي ڌيءَ ۽ نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو.
ڳوٺ زاهد خان کوسي ۾ جوابدار حسين جماليءَ پنهنجي نوجوان ڌيءَ حسينا جمالي ۽ نوجوان احسان جماليءَ کي ڪهاڙين جا وار ڪري قتل ڪرڻ کانپوءِ فرار ٿي ويو.
اطلاع تي پوليس پهچي ناري ۽ نوجوان جا لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال ٺل کڻائي وئي.
پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو ڪارنهن سبب ٿيو آهي، جوابدار گهر خالي ڪري فرار ٿي ويو آهي، سندس ڳولا ڪئي پئي وڃي جلد کيس گرفتار ڪيو ويندو