تازه ترين

ڪرپشن ڪنهن به ملڪ جي معيشيت ۽ سماجي ڍانچي لاءِ هڪ ڪريل چئلينج آهي : وزيراعظم

- Advertisement -
صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف پاران ڪرپشن جي خاتمي واري عالمي ڏهاڙي تي هر سطح تي ڪرپشن جي خاتمي جو عزم ڪيو ويو آهي. ڪرپشن جي خاتمي واري عالمي ڏهاڙي تي جاري ڪيل پيغام ۾ صدر آصف علي زرداري چيو ته هي ڏهاڙو ڪرپشن خلاف جدوجهد، شفافيت ۽ احتساب کي هٿي وٺرائڻ لاءِ قومن کي ذميواري جي ياد ڏياري ٿو. سندس چوڻ هو ته ڪرپشن کان پاڪ ڪلچر جي جوڙجڪ لاءِ اجتماعي روين ۾ تبديلي آڻڻي پوندي. صدر آصف علي زرداري چيو ته ڪرپشن سان عوامي اعتماد مجروح ٿيندو آهي، ڪرپشن وسيلن جي ضايع ٿيڻ سان گڏ سماجي اقتصادي ترقي به متاثر ڪري ٿي. ڪرپشن جي خاتمي واري عالمي ڏهاڙي تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ڪرپشن ڪنهن به ملڪ جي معيشيت ۽ سماجي ڍانچي لاءِ هڪ ڪريل چئلينج آهي، عوام ڪرپشن جي خاتمي لاءِ حڪومت جو ساٿ ڏئي. سندس چوڻ هو ته ڪرپشن سبب ترقياتي وسيلا صحيح استعمال ناهن ٿيندا، ڪرپشن عوامي خدمتن کي متاثر ڪندي آهي. وزيراعظم شهباز شريف سندن نوجوان ڪرپشن خلاف جنگ ۾ ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا، نوجوان نسل هڪ اهڙي مستقبل جو مستحق آهي جيڪو ڪرپشن کان پاڪ هجي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
31.6 ° C
31.6 °
31.6 °
31 %
3.9kmh
44 %
اڱارو
32 °
اربع
32 °
خميس
31 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
30 °

تازه ترين خبرون