- Advertisement -
حيدرآباد ۾ رياستي ادارن خلاف پوسٽون شيئر ڪرڻ تي يوسي چيئرمين کي گرفتار ڪري سائبر ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو.
ايف آءِ اي اختيارين جو چوڻ آهي ته سائبر ڪرائيم ٽيم شاهه لطيف ٽائون جي يو سي 115 جي چيئرمين شڪيب قائمخاني کي گرفتار ڪري ورتو آهي.
ايف آءِ اي اختيارين موجب، شڪيب قائمخاني جو تعلق پي ٽي آءِ سان آهي ۽ هو سوشل ميڊيا رياستي ادارن خلاف پوسٽون شيئر ڪري رهيو هو.
ايف آءِ اي اختيارين جو وڌيڪ چوڻ هو ته گرفتار يوسي چيئرمين خلاف سائبر ڪرائم تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.- Advertisement -
