- Advertisement -
نائب وزيراعظم اسحاق ڊار شام جي صورتحال بابت ترڪيه جي پرڏيهي وزير حاقان فيدان سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو آهي، جنهن دوران ٻنهي اڳواڻن ۾ شام ۾ ڦاٿل پاڪستانين جي مدد لاءِ امڪاني سهڪار بابت ڳالهيون ڪيون ويون.
پرڏيهي آفيس جو چوڻ آهي ته نائب وزيراعظم اسحاق ڊار شام جي صورتحال بابت ترڪيه جي پرڏيهي وزير حاقان فيدان سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو آهي.
پرڏيهي آفيس موجب، ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ رابطي دوران شام ۾ ڦاٿل پاڪستاني شهرين جي مدد لاءِ امڪاني سهڪار بابت ڳالهيون ڪيون ويون.
پرڏيهي آفيس جو چوڻ آهي ته اسحاق ڊار ترڪيه جي پرڏيهي وزير کي شهرين جي سلامتي ۽ سڪيورٽي لاءِ کنيل قدمن بابت آگاهه ڪيو.
پرڏيهي آفيس موجب، شام ۾ سمورا پاڪستاني شهري محفوظ آهن، شهرين کي احتياط ڪرڻ جو چيو ويو آهي، شام ۾ تبديلي ٿيندڙ صورتحال جو به جائزو وٺي رهيا آهن.- Advertisement -
