تازه ترين

ڪرڪيٽ ورلڊڪپ جو هڪ وڌيڪ اپ سيٽ، افغانستان انگلينڊ کانپوءِ پاڪستان کي به شڪست ڏئي ڇڏي

- Advertisement -
ڪرڪيٽ ورلڊڪپ ۾ هڪ وڌيڪ اپ سيٽ ٿيو آهي، انگلينڊ کانپوءِ افغانستان کي به شڪست ڏئي ڇڏي. چنائي ۾ کيڏيل ميچ ۾ قومي ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم ٽاس کٽي اڳ ۾ بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ ٽيم مقرر اوورن ۾  ستن وڪيٽن جي نقصان تي 282 رنسون ٺاهيون. پاڪستان طرفان ڪپتان بابر اعظم 74، عبدالله شفيق 58، شاداب ۽ افتخار احمد 40-40 رنسون ٺاهي نمايان رهيا. افغان ٽيم طرفان نور احمد 3، نوين الحق 2 ۽ محمد نبي توڙي عظمت الله هڪ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي. پاڪستان طرفان مليل 283 رنسن جو حدف افغان ٽيم 49 اوورن ۾  ٻن وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ پاڪستان خلاف پهرين فتح حاصل ڪئي. افغانستان طرفان ٻنهي اوپنرن شاندار بيٽنگ جو مظاهرو ڪندي 130 رنسن جي ڀائيواري ڪئي. ابراهيم زدران 87 ۽ رحمت الله گرباز 65 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيا، جڏهن ته رحمت شاهه 77 ۽ هشمت الله شاهدي 48 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيا ۽ ٽيم کي کٽرائي واپس موٽيا. پاڪستان طرفان شاهين شاهه ۽ حسن علي هڪ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي……..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
28.5 ° C
28.5 °
28.5 °
16 %
3kmh
0 %
اربع
32 °
خميس
32 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
32 °
آچر
34 °

تازه ترين خبرون